ٻوڏ ايمرجنسي تي وزيراعظم جو ٿورائتو، عالمي امداد لاءِ اپيل جلد ڪئي ويندي سيد مراد علي شاهه

ڪشمور ۾ سنڌو درياءَ جي دوري دوران صحافين سان ڳالهائيندي سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو ته وزيراعظم جو ٿورائتو آهيان، جن ماحولياتي ۽ زرعي ايمرجنسي جو اعلان ڪيو.مراد علي شاهه چيو ته چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري اڳ ۾ ئي سفارش ڪئي هئي ته متاثرين کي بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي ذريعي امداد ڏني وڃي، پر اڃان اها فراهم نه ڪئي وئي آهي. ان کان علاوه چيئرمين عالمي امداد جي فوري اپيل جو پڻ مطالبو ڪيو هو، جيڪا وفاقي حڪومت جلد گڏيل قومن کان ڪنداسين. سنڌ جي وڏي وزير ٻڌايو ته ٽوڙي بند ۽ ڪي ڪي بند گڊو بيراج جا ڪمزور هنڌ آهن، ۽ ٻوڏ جي صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ انتظام مڪمل ڪيو ويو آهي. ڪشمور مان 30 هزار متاثرين کي محفوظ علائقن ڏانهن منتقل ڪيو ويو آهي، جڏهن ته رليف ڪيمپن ۾ ڪوبه ناهي آيو. ڪشمور ۽ گهوٽڪي جي ميڊيڪل ڪيمپن ۾ ماڻهو ۽ چوپايو مال پهچي چڪا آهن. گڊو بيراج جي گنجائش 11 لک ڪيوسڪ آهي، جڏهن ته هينئر پاڻي جي سطح 5.5 لک ڪيوسڪ تائين آهي. اسان ڇهه لک 6 لک ڪيوسڪ تائين پاڻي ڇڏڻ جي صلاحيت رکون ٿا. سکر بيراج تان 6.5 کان 7 لک ڪيوسڪ پاڻي گذري رهيو آهي، اميد آهي ته اهو ڪاميابي سان اڳتي به جاري رهندو. مراد علي شاهه زور ڏنو ته اسان جي پهرين ترجيح ماڻهن جون حياتيون بچائڻ آهي ۽ الحمدالله هيٺاهين علائقن ۾ اڃان تائين ڪابه فوتگي نه ٿي آهي. هن چيو ته تياريون مڪمل آهن ۽ الله جي مهرباني سان ٻوڏ جو وهڪرو خيريت سان گذري رهيو آهي. ڄام خان شورو ۽ ٽيم ڏينهن رات ڪم ڪري رهي آهي، ڪابينه جا وزير، اسيمبلي ميمبر ۽ انتظاميه شاباش جا مستحق آهن. وڏي وزير فلڊ فائٽنگ عملي کي 24 ڪلاڪ موجود رهڻ جي هدايت ڪئي آهي ۽ ضلعي انتظاميه کي عوامي تعاون سان قدم تيز ڪرڻ جي صلاح ڏني آهي. مراد علي شاهه چيو ته عوام جي جان ۽ مال جي تحفظ کي هر صورت ۾ يقيني بڻايو ويندو، سنڌ جا ماڻهو مضبوط آهن ۽ ٻوڏ جي چيلينج مان ٻاهر نڪري ايندا.

پنھنجي راءِ لکو