سنڌ ۾ ٻوڏ جاري: گڊو ۽ سکر بيراج تي پاڻي جو وهڪرو بلند، عوام ۽ چوپائي مال محفوظ ڪيو پيو وڃي سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ

ڪراچي: سنڌ جي سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته گڊو بيراج تي مٿانهين ۽ سکر بيراج تي وچولي درجي جي ٻوڏ جاري آهي. صوبائي وزير اطلاعات پنهنجي بيان ۾ چيو ته صوبائي حڪومت سمورن بيراجن جي صورتحال تي مسلسل نظر رکي رهي آهي ۽ عوام جي جان ۽ مال جي تحفظ لاءِ ريسڪيو، رليف ۽ بحالي جي سرگرمين ۾ مڪمل طور تي مصروف آهي شرجيل ميمڻ ٻڌايو ته پنجند ۾ مٿانهين درجي جي ٻوڏ آهي، جتي اسٽريم ۽ ڊائون اسٽريم جو وهڪرو 402.919 ڪيوسڪ رڪارڊ ڪيو ويو آهي. گڊو بيراج تي اپ اسٽريم 612.269 ڪيوسڪ ۽ ڊائون اسٽريم 582.942 ڪيوسڪ رڪارڊ ٿيو آهي. سکر بيراج تي اپ اسٽريم 488.820 ڪيوسڪ ۽ ڊائون اسٽريم 438.390 ڪيوسڪ آهي، جڏهن ته ڪوٽڙي بيراج تي اپ اسٽريم 274.129 ڪيوسڪ ۽ ڊائون اسٽريم 261.399 ڪيوسڪ رڪارڊ ٿيو آهي. گذريل 24 ڪلاڪن ۾ 5269 ماڻهو محفوظ هنڌن تي منتقل ڪيا ويا آهن، جڏهن ته هينئر تائين ڪل منتقل ٿيل ماڻهن جو انگ 163,364 آهي. ڪچي علائقن مان 252 ماڻهو رليف ڪيمپس ۾ منتقل ٿيا، جتي موجود ماڻهن جو گڏيل انگ 469 آهي. صوبائي حڪومت طرفان 177 فڪسڊ ۽ موبائل هيلٿ سائٽس قائم ڪيون ويون آهن، جتي گذريل 24 ڪلاڪن ۾ 6,596 مريضن جو علاج ڪيو ويو، جڏهن ته هينئر تائين 84,118 مريضن کي طبي سهولتون فراهم ڪيون ويون آهن. گذريل 24 ڪلاڪن ۾ 11,569 چوپائي مال محفوظ هنڌن تي منتقل ڪيو ويو، جنهن سان ڪل محفوظ ٿيل چوپائي مال جو انگ 438,835 ٿي ويو آهي. گڏوگڏ 51,308 چوپائي مال کي ويڪسين ۽ علاج فراهم ڪيو ويو، جنهن سان گڏيل تعداد 1,232,223 تائين پهچي ويو آهي.