ٽوبه ٽيڪ سنگهه: ناڻي واري وزير محمد اورنگزيب چيو آهي ته پاڪستان اڳ ئي آءِ ايم ايف جي پروگرام ۾ شامل آهي ۽ آءِ ايم ايف ٻوڏ سبب پيدا ٿيل سنگين صورتحال کي سمجهي ورتو آهي. تعلقي ڪماليه جي دوري دوران وزير چيو ته ٻوڏ سبب متاثر عوام جي بحالي لاءِ حڪومت پهريان پنهنجا وسيلا استعمال ڪري رهي آهي، جڏهن ته سموري دنيا ڏسي رهي آهي ته پاڪستاني عوام ڪهڙي ڏکي صورتحال مان گذري رهيو آهي. محمد اورنگزيب ٻڌايو ته ٻوڏ سبب روڊ، پل، گهر ۽ ٻيون ملڪيتون تباهه ٿي ويون آهن، تنهنڪري هن وقت آفت سٽيل عوام کي بجلي جا بل اماڻڻ مناسب ناهي. هن چيو ته شڪر آهي ته ٽوبه ٽيڪ سنگهه ۾ جاني نقصان تمام گهٽ ٿيو، اميد آهي ته پاڻي جلدي لهي ايندڙ فصل پوکي سگهبي ۽ متاثر ٿيل انفراسٽرڪچر کي اڳ جهڙو بڻايو ويندو. ناڻي واري وزير چيو ته تازو ٻوڏ ۾ ٿيل رليف آپريشن پنهنجي مثال آپ آهي. هن پاڪ فوج جي عوام سان ڪلهو ڪلهي سان بيهڻ تي خاص طور ٿورا مڃيا ۽ چيو ته فوج جي مدد کان سواءِ اها وڏي آزمائش منهن ڏيڻ ممڪن نه هجي ها.