ڪراچي: سپر هاءِ وي تي روڊ حادثو، 3 فوت، هڪ زخمي

ڪراچي: سپر هاءِ وي تي گڏاپ جي ڀرسان تيز رفتار گاڏي ٻن موٽر سائيڪلن سان ٽڪرائي وئي، جنهن جي نتيجي ۾ 3 ڄڻا ٿڏي تي فوت ٿي ويا، جڏهن ته هڪ شهري زخمي ٿي پيو. رپورٽ موجب حادثو ان وقت پيش آيو، جڏهن تيز رفتاري سبب گاڏي ڊرائيور جي ڪنٽرول مان نڪري موٽر سائيڪلن سان ٽڪرائجي وئي. فوتين ۽ زخمي کي ريسڪيو جي مدد سان اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتي زخمي کي طبي امداد فراهم ڪئي پئي وڃي. پوليس موجب حادثي جي وڌيڪ جاچ جاري آهي. ياد رهي ته ڪراچي ۾ روڊ حادثا روز جو معمول بڻيل آهن، جيڪي اڪثر تيز رفتاري، ٽريفڪ قانونن جي ڀڃڪڙي ۽ ڊرائيورن جي غفلت سبب پيش ايندا آهن. سنڌ حڪومت اڳ ۾ هيوي ٽريفڪ ۽ موٽر سائيڪل سوارن لاءِ سخت قانون لاڳو ڪيا هئا، جنهن سان ڪجهه حد تائين حادثن ۾ گهٽتائي آئي، پر هيوي ٽريفڪ سبب حادثا اڃا به جاري آهن.