ڪنڌڪوٽ مان ايڪسائيز اينڊ نارڪوٽڪس پوليس وڏي ڪاميابي حاصل ڪندي لکين روپين جي ماليت جي شراب هٿ ڪري ڇھ جوابدارن کي گرفتار ڪيو آهي، جن خلاف ڪيس داخل ڪري وڌيڪ جاچ شروع ڪئي وئي آهي۔ تفصيل موجب، ايڪسائيز نارڪوٽڪس ڪنٽرول ڪنڌڪوٽ جي انچارج انسپيڪٽر شمس الدين چاچڙ خفيا اطلاع تي تاراچند جي ماڙي تي ڪاروائي ڪئي۔ ڪاروائي صوبائي وزير ايڪسائيز ٽيڪسيشن ۽ نارڪوٽڪس مڪيش ڪمار چاولا ۽ اعليٰ آفيسرن جي خاص هدايتن تي عمل ڪندي ڪئي وئي۔ ڪاروائي دوران مختلف برانڊن جي وڏي مقدار ۾ شراب هٿ آئي، جن ۾: 15 واٽ ون، 52 ڊرائجن، 5 سلور ٽاپ، 68 پوا ڊرائجن، 81 پوا واٽ ون، 21 وڊڪا، 4 ايم ڊي آڌيا، 4 اسٽرانگ بيئر، 13 مري بيئر شامل آهن۔ وليس موجب ڪيس نمبر 02/2025 U/S 3/4 تحت داخل ڪيو ويو آهي ۽ گرفتار ٿيل جوابدارن ۾: تاراچند هندو، ونوت ڪمار ماڙوائي، سهڻو خان گولو، غالب حسين گولو، علي محمد گولو، اويس احمد راجپوت شامل آهن۔