ڪراچي ۾ تيز رفتار واٽر ٽينڪر موٽر سائيڪل سان ٽڪرائي ٻه ڄڻا زندگيءَ کان هٿ ڌوئي ويٺا. اطلاعات موجب حادثو لانڍي اسپتال چورنگي وٽ پيش آيو، جتي ٽينڪر موٽر سائيڪل سان ٽڪرائي پيو، نتيجي ۾ ماءُ ۽ سندس پٽ موقعي تي فوت ٿي ويا.پوليس يا ٻين اختيارين پاران ٽينڪر ڊرائيور جي گرفتاري بابت ڪا به ڄاڻ سامهون نه آئي آهي.ريسكيو اختيارين مطابق ڪراچي ۾ هن سال هيوي گاڏين جي ٽڪر سبب فوت ٿيلن جو انگ وڌي 195 ٿي ويو آهي.