وزيراعظم شهباز شريف هڪ ڏينهن جي دوري تي قطر روانو

وزيراعظم شهباز شريف هنگامي طور هڪ ڏينهن جي دوري تي قطر روانو ٿي ويو آهي، جتي اڄ دوحه ۾ عرب اسلامي سربراهي ڪانفرنس منعقد ٿي رهي آهي.اجلاس ۾ اسرائيل جي فضائي حملن، فلسطين ۾ ڇڪتاڻ ۽ فلسطيني عوام کي زبردستي بي گهر ڪرڻ جي معاملن تي غور ڪيو ويندو. او آءِ سي جي ميمبر ملڪن جا سربراهه ۽ اعليٰ نمائندا به اجلاس ۾ شرڪت ڪندا.ياد رهي ته اسرائيل هڪ هفتو اڳ دوحه ۾ حماس اڳواڻن کي نشانو بڻائڻ جي ڪوشش ڪئي هئي، پر حماس جي مرڪزي قيادت محفوظ رهي هئي. قطر تي ٿيل حملي کان پوءِ پاڪستان سميت ڪيترن ئي ملڪن اسرائيل جي ڪارروائيءَ جي سخت مذمت ڪندي قطر سان ڀرپور گڏجي بيهڻ جو اعلان ڪيو هو.