ڪنڌرا: اروڙ ۾ تاريخي مسجد خطري ۾، ضلعي انتظاميا بي ڌيان

رپورٽ: راشد گل ڪانڌڙو

اروڙ( رپورٽ: راشد گل ڪانڌڙو)۾ ننهن جبل جي ٽڪري تي موجود صديون پراڻي تاريخي مسجد خطري ۾ اچي وئي آهي. گذريل برساتن سبب جبل جي ٽڪري جا وڏا حصا ختم ٿي ويا آهن، جنهن سان مسجد جي بنيادن کي شديد نقصان پهتو آهي ۽ ڪنهن به وقت ٽڪري ڪري ڪري مسجد تباهه ٿي سگهي ٿي.مسجد علائقي جو هڪ اهم مذهبي ۽ تاريخي ورثو آهي، پر ضلعي انتظاميا جي مڪمل بي ڌياني سبب هي قيمتي ورثو تباھي جي ڪناري تي بيٺل آهي.علائقي واسين جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن فوري طور تي ٽڪري کي مضبوط ڪرڻ ۽ مسجد جي مرمت جا قدم نه کنيا ويا ته هي ناياب مسجد مڪمل طور ختم ٿي سگهي ٿي.