وفاقي وزير منصوبه بندي احسن اقبال چيو آهي ته پنجاب ۾ آيل تباهه ڪن ٻوڏ سبب معيشت کي لڳ ڀڳ 500 ارب روپين جو نقصان پهتو آهي.بهيٽيان ۾ متاثرين ۾ امدادي سامان ورهائڻ جي تقريب ۾ خطاب ڪندي هن ٻڌايو ته ٻوڏ جي نتيجي ۾ لکين ايڪڙ زمين تباهه ٿي وئي، جڏهن ته 4.3 سيڪڙو زرعي ايريا ۽ 45 لک ماڻهو متاثر ٿيا.احسن اقبال جو چوڻ هو ته تازي ٻوڏ اسان کي هڪ دفعو ٻيهر پوئتي ڌڪي ڇڏيو آهي، پر حڪومت هن ڀيري قرضن يا ٻاهرين امداد بدران پاڻ تي ڀاڙيندي. سندس مطابق:”هاڻ ڪشڪول کي خدا حافظ چوڻ جو وقت اچي ويو آهي.”وفاقي وزير وڌيڪ چيو ته 2025 جي ٻوڏ واضح ڪري ڇڏيو آهي ته موسمياتي تبديلي مستقبل جو خطرو نه پر هڪ موجوده حقيقت آهي. هن جو چوڻ هو ته رليف جي ورهاست صرف سامان ڏيڻ تائين محدود نه پر يڪجهتي ۽ اميد جو پيغام آهي.ٻئي طرف پنجاب جي رليف ڪمشنر ٻڌايو آهي ته خطرناڪ ٻوڏ سبب 4 هزار 700 ڳوٺ متاثر ٿيا ۽ 104 ڄڻا فوت ٿي ويا. هن چيو ته سڀاڻي کان سانوڻي جي يارهين اسپيل جو الرٽ جاري ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ پنجاب جي مٿانهين علائقن ۾ برسات ۽ ندي نالن ۾ چاڙهه جو امڪان آهي.