“ميچ ريفري جي تبديلي کانسواءِ پاڪستان جو ايشيا ڪپ ۾ وڌيڪ ميچ نه کيڏڻ جو اعلان”

لاهور: پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ (پي سي بي) فيصلو ڪيو آهي ته جيڪڏهن ميچ ريفري کي تبديل نه ڪيو ويو ته قومي ٽيم ايشيا ڪپ جي وڌيڪ ڪنهن به ميچ ۾ حصو نه وٺندي.ذريعن موجب پي سي بي آءِ سي سي ۽ ايم سي سي کي خط لکي ميچ ريفري پائي ڪرافٽ ۽ ايونٽ ڊائريڪٽر اينڊريو پارسل کي هٽائڻ جو مطالبو ڪيو آهي. پي سي بي جو موقف آهي ته ميچ ريفري “اسپرٽ آف دي ڪرڪيٽ” جي پاسداري نه ڪئي ۽ ڄاڻي واڻي رانديگرن کي هٿ ملائڻ کان روڪيو.پي سي بي جو چوڻ آهي ته ڀارتي رانديگرن پاڪستاني رانديگرن سان هٿ نه ملايو، جنهن سان راند جي ساک کي نقصان پهتو، ۽ ان حوالي سان سخت ڪارروائي ضروري آهي.