اسلام آباد: حڪومت وفاقي راڄڌاني اسلام آباد ۽ راولپنڊي جي وچ ۾ جديد ۽ تيز رفتار ٽرين هلائڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي.
رپورٽ موجب فيصلو گهرو وزير محسن نقوي ۽ ريلوي واري وزير حنيف عباسي جي صدارت هيٺ اجلاس ۾ ڪيو ويو، جنهن ۾ مارگله اسٽيشن کان صدر اسٽيشن تائين ريل منصوبي کي جلد مڪمل ڪرڻ تي اتفاق ڪيو ويو. فريم ورڪ ايگريمينٽ ايندڙ هفتي حتمي شڪل ڏئي صحيح ڪيو ويندو.پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته جديد ٽرين سان اسلام آباد ۽ راولپنڊي جو سفر صرف 20 منٽن ۾ طئي ٿيندو، جنهن سان وقت ۽ تيل جي بچت سان گڏ ٽريفڪ جو دٻاءُ به گهٽ ٿيندو.فيصلي موجب ٽريڪ ريلوي واري وزارت فراهم ڪندي جڏهن ته ريل سروس جو انتظام سي ڊي اي جي ذميواري هوندي. اجلاس ۾ جديد ترين ٽرينون امپورٽ ڪرڻ تي به اتفاق ڪيو ويو.ريلوي واري وزير حنيف عباسي چيو ته جاڙن شهرن جي وچ ۾ ريل سروس عوام لاءِ بهترين سهولت هوندي، جڏهن ته گهرو وزير محسن نقوي چيو ته اهو منصوو وزيراعظم جي عوامي رليف لاءِ ڪيل قدمن جو عڪس آهي، جنهن سان هزارين شهرين کي معياري ۽ آسان سفر جي سهولت ملندي.