ٽنڊو آدم ۾ ڪلاسيڪل وڏيري مرحوم شاهنواز جوڻيجو جي فرزند، اڳوڻي ايم اين اي محمد خان جوڻيجو جي ڀاءُ، پ پ ايم اين اي علاءُالدين جوڻيجو جي والد ۽ پ پ جي اڳوڻي ايم اين اي روشن الدين جوڻيجو جي جنازي نماز ادا ڪئي وئي. مرحوم کي اباڻي قبرستان ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو.جنازي نماز ۾ قومي اسيمبلي جي ڊپٽي اسپيڪر سيد غلام مصطفيٰ شاهه، سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني جي فرزند سيد عبدالقادر شاهه گيلاني، ايم پي اي ڄام شبير علي خان، ايم پي اي علي حسن هنڱورجو، اورنگزيب مري، اڳوڻي سينيٽر ملڪ امام الدين شوقين، شاهزمان شورو، ايس ايس پي سانگهڙ عابد علي بلوچ، محمد خان جوڻيجو، غلام مرتضيٰ جوڻيجو، جهانگير جوڻيجو، فراز ڏيرو، جاويد ناياب لغاري، جاويد علي شورو، سانول ڏيرو، لالا ايوب سميت وڏي انگ ۾ مٽن مائٽن، سياسي، سماجي ۽ مذهبي اڳواڻن سان گڏ علائقي واسين وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي.