دوداپور ڀرسان فائرنگ، ٻه سڳا ڀائر اجل جو شڪار، ڳوٺ ۾ ماتم

دوداپور ڀرسان محمد پور ٿاڻي جي حد ڳوٺ شادي خان سناني جکراڻي ۾ پراڻي تڪرار رتريز بڻجي ويو، جتي هٿياربندن فائرنگ ڪري ٻن سڳن ڀائرن شرف الدين سناني جکراڻي ۽ ذاڪر علي سناني جکراڻي جون حياتيون کسي ڇڏيون.گهڙيءَ کن ۾ خوشين سان جهلڪندڙ ڳوٺ ۾ ڪهرام مچي ويو، امڙن جي ٻانهن مان سهارا کسي ويا ۽ ٻچڙن جي معصوم اکين آڏو سندن پيءُ رت ۾ لت پت ٿي ڪري پيو. وارث روئي روئي بي حال ٿي ويا، سڄو ڳوٺ ماتمي گهر ۾ تبديل ٿيويو.پوليس لاش کڻائي اسپتال منتقل ڪيا، جتي پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي ڪيا ويا. علائقي ۾ ڏهانداري ڇانئجي وئي.مقامي ماڻهن جو چوڻ آهي ته هي تڪرار سالن کان “پيار جي پرڻي” تان شروع ٿيو هو، پر هاڻي رتريز دشمني ۾ تبديل ٿي ڳوٺ جي معصومن کان سندن سهارا کسي ڇڏيا آهن.