دوحه: وزيراعظم شهباز شريف قطر جي امير شيخ تميم بن حمد الثاني سان ملاقات ۾ اسرائيلي حملي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي ان کي قطر جي خودمختاري ۽ عالمي قانون جي ڀڃڪڙي قرار ڏنو.وزيراعظم هائوس موجب اها ملاقات عرب اسلامڪ سربراهي اجلاس جي موقعي تي ٿي، جنهن ۾ ڊپٽي وزيراعظم اسحاق ڊار ۽ آرمي چيف جنرل عاصم منير به موجود هئا.وزيراعظم شهباز شريف 9 سيپٽمبر تي دوحه ۾ خطاب ڪندي اسرائيلي جارحيت کي خطي جي امن لاءِ وڏو خطرو قرار ڏنو. هن قطر طرفان سمٽ گهرائڻ جي فيصلي جي واکاڻ ڪئي، جڏهن ته امير قطر وزيراعظم جي شرڪت تي ٿورو مڃيو.ملاقات دوران ٻنهي اڳواڻن خطي جي صورتحال تي ويجهي رابطي ۾ رهڻ تي اتفاق ڪيو. وزيراعظم شهباز شريف چيو ته پاڪستان مشڪل وقت ۾ قطر سان گڏ بيٺل آهي ۽ ٻنهي ملڪن جا ڀائراڻا لاڳاپا وڌيڪ مضبوط ٿيندا. هن زور ڏنو ته وچ اوڀر ۾ اسرائيلي جارحيت فوري طور تي ختم ٿيڻ گهرجي ۽ مسلمان امت کي اتحاد سان گڏجي اڳتي وڌڻ جي ضرورت آهي.