حماس اڳواڻن تي دوحه ۾ حملو، پاڪستان ۽ ڪويت جي درخواست تي گڏيل قومن جو اجلاس

جنيوا: قطر جي راڄڌاني دوحه ۾ حماس اڳواڻن تي اسرائيلي حملي کان پوءِ گڏيل قومن جي انساني حقن جي ڪونسل جو هنگامي اجلاس اڄ جنيوا ۾ طلب ڪيو ويو آهي.هي اجلاس پاڪستان ۽ ڪويت جي درخواست تي گهرايو ويو، جنهن ۾ اسرائيلي فضائي ڪارروائين ۽ حماس اڳواڻن خلاف حملي تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ويندي. اسرائيل هن اجلاس کي بي وقتو قرار ڏيندي دعويٰ ڪئي آهي ته اهڙيون ڪوششون انساني حقن جي نظام کي ڪمزور ڪرڻ جي برابر آهن.ياد رهي ته 9 سيپٽمبر تي اسرائيل دوحه ۾ حماس اڳواڻن جي اجلاس تي فضائي حملو ڪيو هو، جنهن ۾ ڇهه ڄڻا شهيد ٿيا، البت حماس جي اهم قيادت محفوظ رهي. حماس ذريعن موجب حملي وقت اجلاس ۾ غزه ۾ جنگبندي ۽ آمريڪي صدر جي تجويز تي غور ڪيو پئي ويو.

پنھنجي راءِ لکو