دوحه حملو: نيتن ياهو 50 منٽ اڳ ئي ٽرمپ کي آگاهه ڪيو، آمريڪي ميڊيا جو انڪشاف

آمريڪي ميڊيا انڪشاف ڪيو آهي ته اسرائيلي وزيراعظم بنيامين نيتن ياهو، دوحه ۾ حماس جي قيادت تي ميزائل حملي کان لڳ ڀڳ 50 منٽ اڳ ئي آمريڪي صدر ڊونالڊ ٽرمپ کي آگاهه ڪيو هو۔آمريڪي ميڊيا مطابق اسرائيلي اختيارين دعويٰ ڪئي آهي ته نيتن ياهو ۽ ٽرمپ جي وچ ۾ پهرين سياسي ڳالهه ٻولهه ٿي، جنهن کان پوءِ فوجي اختيارين ذريعي آمريڪا کي حملي جي باري ۾ ڄاڻ ڏني وئي۔اسرائيلي اختيارين جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن ٽرمپ واقعي مخالفت ڪري ها ته اسرائيل حملو ملتوي ڪري ڇڏي ها، پر اهڙو ڪوبه قدم نه کنيو ويو۔ٻئي پاسي وائٽ هائوس جو چوڻ آهي ته صدر ٽرمپ کي تڏهن اطلاع مليو جڏهن اسرائيلي ميزائل اڳ ئي فضا ۾ هئا ۽ ان وقت حملي کي روڪڻ جو ڪو موقعو باقي نه رهيو هو۔ياد رهي ته اسرائيل 9 سيپٽمبر تي قطر جي راڄڌاني دوحه ۾ حماس اڳواڻن جي گڏجاڻي کي نشانو بڻايو هو، جنهن ۾ ڇهه ڄڻا شهيد ٿيا هئا، البت حماس جي اهم قيادت محفوظ رهي۔