سنڌ ۾ امن لاءِ جي يو آءِ جو ڪاروان، عوام جي وڏي موٽ جاري

جمعيت علماءِ اسلام (ف) جو ڪنڌڪوٽ کان نڪتل امن مارچ بدامني خلاف احتجاج ڪندي ڪراچي ڏانھن روان دوان هي. سڪرنڊ پھچڻ تي ڪارڪنن شاندار آجيان ڪئي.ميڊيا سان ڳالهائيندي جي يو آءِ اڳواڻ راشد محمود سومرو چيو ته سنڌ ۾ وڌندڙ بدامني سبب عوام جي جان ۽ مال غير محفوظ ٿي ويا آهن، پر حڪمرانن کي ڪا پرواه ناهي. هن الزام لڳايو ته شڪارپور، ڪنڌڪوٽ ۽ ٻين ضلعن مان ٻارڙا اغوا ٿي رهيا آهن، پر حڪومت تماشائي بڻيل آهي.سندس چوڻ هو ته امن مارچ کي سنڌ جا عوام ڀرپور موٽ ڏئي رهيا آهن ۽ ڪراچي پهچي وزيراعليٰ هائوس آڏو ڌرڻو هنيو ويندو، جنهن کي جي يو آءِ جي سربراهه مولانا فضل الرحمان خطاب ڪندو.راشد محمود سومرو وڌيڪ چيو ته عوام جي جان، مال ۽ عزت جو تحفظ حڪمرانن جي ذميواري آهي، پر اهي انڌا، ٻوڙا ۽ گونگا بڻجي ويا آهن.امن مارچ نوابشاھ کان پوءِ ھالا، مٽياري، ٺٽو ۽ سجاول ٿيندو 23 سيپٽمبر تي ڪراچي ۾ پنهنجو آخري مرحلو طئي ڪندو، جتي مولانا فضل الرحمان خطاب ڪندو.