سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه جو حڪم: ڪچي ۾ ڌاڙيلن خلاف آپريشن تيز ڪيو وڃي، ڪراچي مان غيرقانوني ٽينڪرز ختم ڪيا وڃن

ڪراچي – سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ اهم اجلاس ٿيو جنهن ۾ ڪچي جي علائقي ۾ آپريشن ۽ سڄي صوبي ۾ ترقياتي ڪمن جو جائزو ورتو ويو. وڏي وزير ڌاڙيلن خلاف آپريشن وڌيڪ تيز ڪرڻ جو حڪم ڏيندي چيو ته ڪچو ٻڏي ويو آهي، قانون ٽوڙيندڙ هاڻ لڪائي نٿا سگهن، انٽيليجنس جي بنياد تي ٽارگيٽيڊ آپريشن جاري رهن.

اجلاس ۾ گهرو وزير ضياءُالحسن لنجار ۽ آءِ جي پوليس غلام نبي ميمڻ وڏي وزير کي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته آڪٽوبر 2024ع کان ٽيڪنالاجي جي ذريعي ڪچي ۾ آپريشن تيز ڪيو ويو آهي، جن ۾ 760 ٽارگيٽيڊ ۽ 352 سرچ آپريشن ڪيا ويا آهن. انهن ڪاررواين دوران 159 ڌاڙيل مارجي ويا جن ۾ 10 سکر، 14 گهوٽڪي، 46 ڪشمور ۽ 89 شڪارپور جا شامل آهن، جڏهن ته 823 ڌاڙيل گرفتار ٿيا ۽ 9 اشتهاري ڏوهاري به مارجي ويا. آپريشن دوران 962 مختلف نوعيت جا هٿيار هٿ ڪيا ويا.وڏي وزير چيو ته ڪچي ۾ ڌاڙيلن جو مڪمل خاتمو يقيني بڻايو وڃي. چيف سيڪريٽري کي هدايت ڏني وئي ته ڪچي ۾ ترقياتي منصوبا شروع ڪيا وڃن جن ۾ روڊ، اسڪول، اسپتالون، ڊسپينسريون ۽ ٽرانسپورٽ جون سهولتون شامل هجن. هن چيو ته ٻوڏ کانپوءِ علائقي جي بحالي لاءِ ڪم تيز ڪيو وڃي.اجلاس ۾ ڪراچي ۾ غيرقانوني ٽينڪرز جي خاتمي بابت پڻ جائزو ورتو ويو. ميئر ڪراچي مرتضيٰ وهاب ٻڌايو ته 243 غيرقانوني بائيڊرنٽس مسمار ڪيا ويا، 212 ايف آءِ آر داخل ڪيا ويا ۽ 103 ماڻهو گرفتار ڪيا ويا آهن. هن وقت تائين 3200 ٽينڪرز ڪيو آر ڪوڊ سان رجسٽرڊ ڪيا ويا آهن، جنهن سان واٽر بورڊ جي آمدني ۾ 60 ملين روپين جو اضافو ٿيو آهي.اجلاس ۾ گهرو وزير ضياءُالحسن لنجار، ميئر ڪراچي مرتضيٰ وهاب، چيف سيڪريٽري آصف حيدر شاهه، آءِ جي پوليس غلام نبي ميمڻ، گهرو سيڪريٽري اقبال ميمڻ، ڪمشنر ڪراچي حسن نقوي ۽ ٻيا اعليٰ عملدار به شرڪت ڪئي.

پنھنجي راءِ لکو