) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جعلي ڊگري ڪيس ۾ جسٽس طارق محمود جهانگيري کي عارضي طور ڪم کان روڪڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. عدالت سپريم جوڊيشل ڪونسل جي فيصلي تائين کيس عدالتي معاملا انجام ڏيڻ کان روڪيندي بيرسٽر ظفرالله خان ۽ اشتر علي اوصاف کي عدالتي مددگار مقرر ڪيو آهي. نئين روسٽرم ۾ جسٽس جهانگيري جون ڊويزن ۽ سنگل بينچز به ختم ڪيون ويون آهن.چيف جسٽس سردار سرفراز ڊوگر ۽ جسٽس محمود اعظم خان تي ٻڌل ڊويزن بينچ ميان دائود ايڊووڪيٽ جي درخواست تي ٻڌڻي کان پوءِ لکت ۾ حڪم جاري ڪيو. ٻڌڻي دوران عدالت اٽارني جنرل کان درخواست جي ٻڌڻ جوڳي هجڻ تي مدد طلب ڪئي ۽ چيو ته معاملو سپريم جوڊيشل ڪونسل ۾ هئڻ باوجود ڇا هاءِ ڪورٽ ان تي رابطو ڪري سگهي ٿي؟اسلام آباد بار ايسوسيئيشن جي وڪيل راجا عليم عباسي عدالت آڏو موقف رکندي چيو ته بار قانون جي حڪمراني تي يقين رکي ٿي ۽ اها اسٽيڪ هولڊر آهي. هن چيو ته جيڪڏهن اهڙو رجحان بڻجي ويو ته اهو خطرناڪ ثابت ٿيندو. سپريم ڪورٽ جا ٻه فيصلا پڻ موجود آهن جن موجب اهڙي درخواست تي اعتراض برقرار رکڻ گهرجي.چيف جسٽس سرفراز ڊوگر ۽ جسٽس اعظم خان ٻڌڻي ملتوي ڪندي چيو ته ڪيس سپريم جوڊيشل ڪونسل جي فيصلي تائين اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ زيرِالتوا رهندو.