درياهه جي دٻاءَ سبب پريالوءِ ڀرسان بند جو روڊ ڪمزور، وڏو حادثو ٿيڻ جو خدشو

پريالوءِ ڀرسان الرا بچاءَ بند جي روڊ هيٺان زميني صورتحال ڳڻتي جوڳي بڻجي وئي آهي. درياهه جي دٻاءَ ۽ زميني سم سبب روڊ جي هيٺئين سطح ڪمزور ٿيڻ لڳي آهي، جنهن ڪري هيٺان واري مٽي آهستي آهستي ڪرندي رهي ٿي، ۽ مقامي ماڻهن لاءِ وڏو خطرو بڻجي چڪو آهي.ڳوٺاڻن جو چوڻ آهي ته هو پنهنجي مدد پاڻ تحت عارضي مرمت جو ڪم ڪري رهيا آهن، پر افسوس جو نه حڪومت ۽ نه ئي ايريگيشن کاتي جا عملدار اڃا تائين موقع تي پهتا آهن. ڳوٺاڻن خبردار ڪيو آهي ته جيڪڏهن لاڳاپيل اختيارين فوري قدم نه کنيا ته ڪنهن به وقت وڏو حادثو پيش اچي سگهي ٿو.مقامي ماڻهن انتظاميا کان مطالبو ڪيو آهي ته ايريگيشن کاتي ۽ ضلعي انتظاميه کي فوري طور تي روڊ ۽ بند جي صورتحال جو جائزو وٺڻ گهرجي ۽ مستقل بنيادن تي مسئلي جو حل ڪڍڻ لاءِ قدم کڻڻ گهرجن، ٻي صورت ۾ نقصان جو خطرو وڌندو ويندو.