ڪنڌڪوٽ (رپورٽ: عبدالخالق چاچڙ)ڪنڌڪوٽ پريس ڪلب سامهون معذورن ڊي سي شير زمان ۽ ضلعي ڪائونسل چيئرمين گل محمد خان جکراڻي خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو.پريس ڪلب سامهون معذورن ڊي سي شير زمان ۽ ضلعي ڪائونسل چيئرمين گل محمد خان جکراڻي خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو.احتجاج ڪندڙ معذورن حماد ﷲ، پرويز احمد، گاهي خان، تيغو خان بکراڻي ۽ ياسين سميت ٻين جو چوڻ هو ته اختيارين سندن حقن تي ڌاڙو هنيو آهي. هو پنهنجي جائز حقن لاءِ آفيسن جا چڪر ڪاٽي ڪاٽي ٿڪجي پيا آهن، پر ڪنهن به سندن دانهن نه ٻڌي آهي.معذورن اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته پڙهيل لکيل معذورن کي نوڪريون ڏنيون وڃن ۽ مالي سهائتا به ڪئي وڃي، ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.