بلوچستان ۾ سيڪيورٽي فورسز جي آپريشن پراڪسي فتنه الهندستان سان تعلق رکندڙ 5 دهشتگرد مارجي ويا.

بلوچستان جي ضلعي خضدار ۾ سيڪيورٽي فورسز جي آپريشن دوران ڀارتي پراڪسي تنظيم فتنه الهندستان سان تعلق رکندڙ 5 دهشتگرد مارجي ويا.آءِ ايس پي آر موجب، 14 ۽ 15 سيپٽمبر جي رات دير سان دهشتگردن جي موجودگي بابت اطلاع تي آپريشن ڪيو ويو. فورسز دهشتگردن جي ٺڪاڻن کي نشانو بڻايو، جنهن دوران فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ 5 دهشتگرد مارجي ويا.دهشتگردن جي قبضي مان هٿيار ۽ بارودي مواد هٿ آيو، جڏهن ته هلاڪ ٿيل دهشتگرد علائقي ۾ ڪيترين ئي دهشتگردانه سرگرمين ۾ ملوث هئا. وڌيڪ دهشتگردن جي خاتمي لاءِ علائقي ۾ ڪليئرنس آپريشن جاري آهي.آءِ ايس پي آر واضح ڪيو آهي ته سيڪيورٽي فورسز ڀارتي حمايت يافته دهشتگردي کي جڙ کان ختم ڪرڻ لاءِ پرعزم آهن ۽ سمورن سهولتڪارن سميت ڏوهارين کي انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آندو ويندو.


پنھنجي راءِ لکو