سعودي ولي عهد جي دعوت تي وزيراعظم شهباز شريف رياض روانو

اسلام آبادسعودي ولي عهد شهزادي محمد بن سلمان جي دعوت تي وزيراعظم شهباز شريف سعودي عرب جي سرڪاري دوري تي اسلام آباد کان رياض روانو ٿي ويو آهي.وزيراعظم آفيس موجب دوري ۾ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار، دفاع وارو وزير خواجه آصف، ناڻي وارو وزير محمد اورنگزيب، اطلاعات وارو وزير عطاءُالله تارڙ، ماحوليات وارو وزير مصدق ملڪ ۽ خاص معاون طارق فاطمي به ساڻس گڏ آهن.دوري دوران وزيراعظم شهباز شريف سعودي ولي عهد سان ملاقات ڪندو، جنهن ۾ پاڪستان ۽ سعودي عرب لاڳاپن جا سڀ رخ جائزي هيٺ آندا ويندا. گڏوگڏ علائقائي ۽ عالمي معاملن تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ويندي.سرڪاري ميڊيا رپورٽن موجب، وزيراعظم سعودي عرب جي ٻين اهم شخصيتن سان به ملاقاتون ڪندو، جن ۾ ٻطرفه لاڳاپا، خطي ۽ عالمي سطح تي ٿيندڙ تبديلين تي گڏيل مفادن بابت ڳالهيون شامل هونديون.ذريعن جو چوڻ آهي ته وزيراعظم سعودي عرب کان پوءِ برطانيه جو دورو ڪندو، جتي هو ٻن ڏينهن لاءِ ترسندو، جنهن کان پوءِ آمريڪا روانو ٿيندو. آمريڪا ۾ هو گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي کي خطاب ڪندو ۽ عالمي اڳواڻن سان ملاقاتون به