پنجاب حڪومت جي ايڇ ڪيو حملي ڪيس جي جيل ٽرائل جو نوٽيفڪيشن واپس وٺي نئون نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو آهي.ذريعن موجب هاڻ ڪيس جو ٽرائل اڊياله جيل بدران دهشتگردي جي انت واري عدالت (اي ٽي سي) راولپنڊي ۾ ٿيندو. ڪيس ۾ شامل ٻين جوابدارن کي اي ٽي سي راولپنڊي ۾ پيش ڪيو ويندو، جڏهن ته پي ٽي آءِ باني چيئرمين عمران خان کي ضرورت موجب وڊيو لنڪ ذريعي پيش ڪيو ويندو.عدالت 9 مئي سانحي جي سمورن 12 ڪيسز جي ٻڌڻي پهرين آڪٽوبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي آهي. ان موقعي تي عمران خان جي شرڪت لاءِ وڊيو لنڪ انتظامن جا حڪم جاري ڪيا ويا.دهشتگردي جي عدالت جي جج امجد علي شاهه ٻڌڻي دوران حڪم ڏنو ته جي ايڇ ڪيو حملو ڪيس ۾ ٽي گواهه پهرين آڪٽوبر تي عدالت ۾ ضرور پيش ڪيا وڃن. عدالت وڌيڪ ٻڌايو ته 9 مئي جي 11 ڪيسز ۾ پي ٽي آءِ باني چيئرمين جي چالان جي ڪاپيون به ورهايون وينديون.ان دوران اڳوڻو پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي لاهور جيل مان وڊيو لنڪ ذريعي پيش ٿيندو. ياد رهي ته جيل ٽرائل لڳ ڀڳ ٽي مهينا لٽڪيل رهيو.عدالت ايندڙ ٻڌڻي لاءِ سڀني جوابدارن جي حاضري يقيني بڻائڻ جو حڪم ڏنو آهي. ساڳئي وقت ڪي پي جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور کي به سمن جاري ڪيو ويو آهي.عمر ايوب، شبلي فراز، زرتاج گل ۽ ڪنول شوزب گرفتاري وارنٽ جاري ٿيڻ باوجود پيش نه ٿيا. عدالت فيصل آباد ڪورٽ جي سزائن تي 14 جوابدارن جا گرفتاري وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا آهن ۽ غير حاضر رهندڙ جوابدارن کي اشتهاري قرار ڏيڻ جي قانوني ڪارروائي شروع ڪئي وئي آهي.