ڪاليج جي فنڊز ۾ گھوٻين الزام، آفيس سرپينٽنڊنٽ ريحان گرفتار

ڪراچي: اينٽي ڪرپشن سنڌ جي ڊائريڪٽر جنرل امتياز ابڙو جي هدايت تي ڊپٽي ڊائريڪٽر اولھه عبدالواحد چنه جي نگراني ۾ ڪارروائي ڪندي نارٿ ناظم آباد جناح وومين ڪاليج جي آفيس سرپينٽنڊنٽ ريحان کي گرفتار ڪيو ويو.اينٽي ڪرپشن آفيس مان جاري پڌرائي موجب، ڪاليج جي اڳوڻي پرنسپال بابر شاهه طرفان ڏنل شڪايت تي جاچ ڪئي وئي جنهن ۾ فنڊز ۾ گھوٻين جا الزام ثابت ٿيا.اختيارين موجب، اسسٽنٽ ڊائريڪٽر آصف راڄپر جي سربراهي ۾ ڪارروائي ڪئي وئي، جنهن کان پوءِ ريحان خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو آهي ۽ وڌيڪ جاچ شروع ڪئي وئي آهي.