اسلام آباد ــ آءِ ايم ايف جي وفد جي پاڪستان جي دوري کان اڳ حڪومت فنڊ جي 51 شرطن مان اڪثر تي عملدرآمد مڪمل ڪري ڇڏيو آهي، جڏهن ته ڪجهه شرطن تي ڪم جاري آهي ۽ ڪجهه لاءِ اڳواٽ اجازت حاصل ڪئي وئي آهيدستاويزن موجب ٽه ماهي بنياد تي گيس ٽيرف ايڊجسٽمينٽ، نون ٽيڪسن ۾ ڇوٽ نه ڏيڻ، بجيٽ 26-2025 آءِ ايم ايف جي شرطن مطابق پاس ڪرڻ ۽ پارليامينٽ مان بجيٽ کان ٻاهر خرچن جي منظوري جهڙيون شرطون پوريون ڪيون ويون آهن. وفاق ۽ صوبن جي وچ ۾ فسڪل پيڪٽ تي به عمل ڪيو ويو آهي، جڏهن ته زرعي آمدني تي ٽيڪس وصولي لاءِ قانونسازي به ڪئي وئي آهي.ڊسڪوز ۽ جينگوز جي نجڪاري لاءِ پاليسي قدمن تي ڪم جاري آهي، 2035 تائين خصوصي اقتصادي زونز ۾ مراعتون ختم ڪرڻ ۽ سرڪاري ادارن ۾ حڪومت جي عمل دخل ۾ گهٽتائي جا قدم پڻ کنيا ويا آهن. اسلام آباد، ڪراچي ۽ لاهور ۾ ڪمپلائنس رسڪ مينجمينٽ سسٽم لاڳو ڪيو ويو آهي ۽ هاءِ ليول آفيسرن جي اثاثن جي ڊڪليئريشن بابت به اڳڀرائي ٿي آهي.ٻئي طرف گورننس اينڊ ڪرپشن اسيسمنٽ رپورٽ جي اشاعت ۽ ان تي ايڪشن پلان تي عمل نه ٿيڻ تي آءِ ايم ايف طرفان سخت ردعمل جو امڪان ظاهر ڪيو ويو آهي.دستاويزن ۾ ٻڌايو ويو آهي ته صوبائي حڪومتون 1.2 ٽريلين روپين جو ڪيش سرپلس حدف پورو نه ڪري سگهيون، جڏهن ته ايف بي آر به گذريل مالي سال 12.3 ٽريلين روپين جي ٽيڪس وصولي ۾ ناڪام رهيو. واپاري دوست اسڪيم تحت 50 ارب روپيا ٽيڪس گڏ ڪرڻ ۽ 10 سرڪاري ادارن جي قانون ۾ ترميم جو حدف به حاصل نه ٿي سگهيو.
