ڪراچي ــ سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه خبردار ڪيو آهي ته ٻوڏ سبب هارين کي پهچندڙ نقصان جو فوري حل ڪڍڻ تمام ضروري آهي، ٻي صورت ۾ فوڊ سيڪيورٽي سنگين خطري ۾ پئجي ويندي.ڪراچي ۾ صحافين سان ڳالهائيندي وڏي وزير چيو ته وزيراعظم شهباز شريف، پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي تجويز تي زرعي ايمرجنسي لاڳو ڪئي آهي ۽ وفاقي سطح تي هڪ ڪميٽي به قائم ڪئي وئي آهي، جنهن ۾ صوبن جا نمائندا شامل آهن. اها ڪميٽي موجوده صورتحال کي سنڀالڻ لاءِ اهم قدم کڻندي.سيد مراد علي شاهه ٻڌايو ته سنڌ حڪومت بلاول ڀٽو جي هدايت تي هارين جي امداد لاءِ هڪ پيڪيج جو خاڪو تيار ڪيو آهي، جنهن جا تفصيل ايندڙ هفتي ظاهر ڪيا ويندا. هن وڌيڪ چيو ته گڏيل قومن جي سطح تي فليش اپيل به ڪئي ويندي، جنهن لاءِ سمورن صوبن اتفاق ڪيو آهي.وڏي وزير ٻڌايو ته ٻوڏ جي شروعات کان ئي سنڌ حڪومت پنهنجون تياريون مڪمل ڪيون هيون، جن ۾ اولين ترجيح ماڻهن جون حياتيون بچائڻ، بيراجن کي محفوظ ڪرڻ ۽ بندن کي مضبوط ڪرڻ هئي. هن چيو ته گڊو بيراج تان پاڻي لنگهي ويو آهي ۽ هاڻ سکر بيراج تي پيڪ موجود آهي، جڏهن ته پاڻي هاڻي ڪوٽڙي طرف وڌي رهيو آهي جتي ٽيمون تعينات ڪيون ويون آهن.مراد علي شاهه وڌيڪ چيو ته ايندڙ ڏينهن ۾ پاڻي جي سطح ۾ بهتري جي اميد آهي، جڏهن ته ايريگيشن ڊپارٽمينٽ، ڊيزاسٽر مينيجمينٽ، ضلعي انتظاميه، صحت کاتو، لائيو اسٽاڪ ڊپارٽمينٽ ۽ مقامي ماڻهن جو تعاون ساراهه جوڳو آهي.