پشاور ــ پاڪستان تحريڪ انصاف (پي ٽي آءِ) جي چيئرمين بيرسٽر گوهر چيو آهي ته عدليه جيڪڏهن ماتحت عدالتن تي نظر رکي ها ته اسان جي ٽن ماڻهن کي 100 سالن جون سزائون نه ملن ها، هاڻ سزائن جو آچر بازار ختم ٿيڻ گهرجي. پشاور هاءِ ڪورٽ ۾ صحافين سان ڳالهائيندي هن چيو ته اڄ عمر ايوب، شبلي فراز ۽ عبداللطيف جي نااهلي بابت ڪيسن جي ٻڌڻي هئي، جن ۾ اليڪشن ڪميشن غيرقانوني طور تي نااهل ڪيو آهي. هن ٻڌايو ته اڄ 3 وڳي پي ٽي آءِ جو خيبرپختونخواهه هائوس ۾ پارلياماني اجلاس ٿيندو، جنهن ۾ امن، امان، افغانستان ۽ ٻوڏ جي صورتحال تي بريفنگ ڏني ويندي. بيرسٽر گوهر چيو ته عدالت کي استدعا آهي ته ٻڌڻيون جلد ڪيون وڃن، عدليه تي عوام جو اعتماد بحال ٿيڻ ضروري آهي. پي ٽي آءِ چيئرمين چيو ته ڪنهن به جج کي عدالتي معاملن کان روڪڻ نٿو گهرجي، جڏهن ته ڪالهه اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جسٽس طارق جهانگير سان جيڪو ڪجهه ٿيو اهو انتهائي افسوسناڪ آهي. هن وڌيڪ چيو ته سپريم ڪورٽ کي ايڪشن کڻڻ گهرجي ۽ باني عمران خان خلاف ڪرمنل ڪيسز جلد ٻڌڻ گهرجن. بيرسٽر گوهر جو چوڻ هو ته نفرتن سان حڪومت ڪرڻ سان ملڪ کي نقصان ٿيندو، جڏهن ته عدليه کان اميد آهي ته رليف ۽ انصاف ٿيندو نظر ايندو.