پاڪستاني پرڏيهي وزارت افغان عبوري سفير سردار احمد شڪيب کي طلب ڪري طالبان حڪومت کان مطالبو ڪيو آهي ته هو عالمي سطح تي مڃيل دهشتگرد تنظيم تحريڪ طالبان پاڪستان (ٽي ٽي پي) کان پري رهي ۽ پنهنجي ملڪ جي زمين تي انهن جي سرگرمين کي روڪي. اعليٰ سفارتي ذريعن موجب افغان سفير کي واضح طور تي چيو ويو ته افغانستان جي زمين تي دهشتگردي جي ناپاڪ سرگرمين لاءِ استعمال نه ٿيڻ گهرجي. ٽي ٽي پي سان گڏ، ڀارتي ڳجهي ايجنسي (را) پاران مالي امداد ۽ سپورٽ پڻ ملي رهي آهي، جنهن تي پاڪستان سخت خدشو ظاهر ڪيو آهي. پرڏيهي وزارت ۾ افغان سفير کي ايڊيشنل فارن سيڪريٽري سيد علي اسد گيلاني پاران پاڪستان جو پيغام پهچايو ويو. انهي سان گڏ، افغانستان لاءِ پاڪستان جو خصوصي نمائندو محمد صادق خان متحده عرب امارات کان واپس اچي ويو آهي ۽ امڪان آهي ته هو هن هفتي سينئر اختيارين جي هڪ وفد جي قيادت ڪندي ڪابل جو دورو ڪندو.
