ڪراچي سميت سموري ملڪ جي صارفين لاءِ بجلي جي قيمت ۾ وڌيڪ اضافي جو امڪان ظاهر ڪيو ويو آهي۔ بجلي جي ورهاست ڪندڙ ڪمپنين نيشنل اليڪٽرڪ پاور ريگوليٽري اٿارٽي (نيپرا) کي في يونٽ 19 پئسا اضافي جي درخواست جمع ڪرائي آهي۔ سي پي پي اي طرفان اهو اضافو ماهوار فيول ايڊجسٽمينٽ جي مد ۾ آگسٽ لاءِ گهريو ويو آهي، جنهن تي ٻڌڻي 29 سيپٽمبر تي ٿيندي۔ درخواست ۾ ٻڌايو ويو آهي ته آگسٽ ۾ گڏيل طور تي 14 ارب 22 ڪروڙ يونٽ بجلي پيدا ڪئي وئي، جن مان 13 ارب 71 ڪروڙ 50 لک يونٽ ورهاست ڪندڙ ڪمپنين کي فراهم ڪيا ويا۔ بجلي جي اوسط لاڳت 7 روپيه 50 پئسا في يونٽ رهي، جڏهن ته ريفرنس لاڳت 7 روپيه 31 پئسا في يونٽ مقرر هئي۔ ماهوار ايڊجسٽمينٽ جي تحت قيمتن ۾ واڌ جو اطلاق ڪي اليڪٽرڪ صارفين تي به ٿيندو، يعني قيمت ۾ واڌ کان پوءِ سموري ملڪ جا بجلي استعمال ڪندڙ متاثر ٿيندا۔
