سنڌ حڪومت ڪنٽري بيوشن پينشن اسڪيم ختم، پراڻو پينشن نظام بحال

سنڌ حڪومت سرڪاري ملازمن لاءِ اعلان ڪيل ڪنٽري بيوشن پينشن اسڪيم (SDCPS-2024) ختم ڪندي نون ملازمن لاءِ پراڻو پينشن ۽ گريجوئٽي وارو نظام بحال ڪري ڇڏيو آهي۔ تفصيل موجب سيپٽمبر 2024 ۾ سنڌ ڪابينه نون ڀرتي ٿيندڙ صوبائي ملازمن لاءِ ڪنٽري بيوشن پينشن اسڪيم جي منظوري ڏني هئي، جنهن تحت ملازمن کي پينشن ۽ گريجوئٽي جي بدران گڏيل ڪنٽري بيوشن پينشن ڏيڻ جو فيصلو ڪيو ويو هو۔ اسڪيم موجب هر ملازم کي پنهنجي بنيادي پگهار جو 10 سيڪڙو ماهوار جمع ڪرائڻو هو، جڏهن ته حڪومت ملازم جي بنيادي پگهار جو 12 سيڪڙو شيئر طور جمع ڪرائڻ واري هئي۔ ان بابت پهرين نومبر 2024 تي باقاعده نوٽيفڪيشن به جاري ڪيو ويو هو۔ سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ ڪابينه سيپٽمبر ۾ سنڌ سول سرونٽ ايڪٽ 1973 ۾ ترميم جي منظوري به ڏني هئي، جنهن مطابق نوان ڀرتي ٿيندڙ ملازم روايتي پينشن ۽ گريجوئٽي کان خارج ٿي ويندا۔ پر هاڻ هڪ سال بعد، 17 سيپٽمبر 2025 تي سيڪريٽري فنانس طرفان جاري ڪيل آفيس ميمورينڊم تحت پهرين نومبر 2024 جو نوٽيفڪيشن واپس ورتو ويو آهي۔ نتيجي ۾ هاڻي ڪنٽري بيوشن اسڪيم ختم ٿي وئي آهي ۽ سڀ نوان ملازم به ٻيهر پراڻي پينشن سسٽم تحت سرڪاري ملازم تصور ڪيا ويندا۔

پنھنجي راءِ لکو