نئين دهلي: پاڪستان ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ ٿيل اسٽريٽجڪ گڏيل دفاعي معاهدي تي ڀارت جو ردعمل سامهون اچي ويو آهي۔ ڀارتي پرڏيهي وزارت جي ترجمان رندهير جيسوال سوشل ميڊيا پليٽفارم “ايڪس” تي بيان جاري ڪندي چيو ته: ڀارتي حڪومت کي سعودي عرب ۽ پاڪستان جي وچ ۾ هن اڳڀرائي بابت اڳواٽ علم هو۔ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ دفاعي معاهدي تي صحيحن جي رپورٽن جو جائزو ورتو ويو آهي۔ ڀارت پنهنجي قومي سلامتي ۽ مفادن جي تحفظ لاءِ پرعزم آهي ۽ معاهدي جي خطي ۽ عالمي استحڪام تي اثرن جو جائزو وٺندو۔ ياد رهي ته گذريل ڏينهن سعودي ولي عهد محمد بن سلمان ۽ وزيراعظم شهباز شريف معاهدي تي صحيحون ڪيون هيون، جنهن تحت ڪنهن به ملڪ تي جارحيت ٻنهي ملڪن تي حملو تصور ٿيندي۔ ماهرن موجب هي معاهدو ٻنهي ملڪن جي گهري ٻطرفي لاڳاپن ۽ سيڪيورٽي تعاون کي نئين سطح تي کڻي ويو آهي، جيڪو خطي ۾ اهم سفارتي ۽ دفاعي تبديلي سمجهيو پيو وڃي۔
