9 مئي ڪيسز: پي ٽي آءِ جي 14 اڳواڻن جا اشتهاري وارنٽ جاري

راولپنڊي: دهشتگردي جي انت واري عدالت پي ٽي آءِ جي 14 اڳواڻن کي اشتهاري قرار ڏيندي انهن جا اشتهاري وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا آهن۔ جج امجد علي شاهه ڪيس جي ٻڌڻي دوران حڪم ڏنو ته جوابدارن جو اشتهار جاري ڪيو وڃي ۽ ان بابت رپورٽ 18 آڪٽوبر تي پيش ڪئي وڃي۔ اشتهار ۾ شامل اڳواڻ: عمر ايوب ڪنول شوزب شيخ راشد شفيق عظيم الله زرتاج گل راءِ محمد مرتضيٰ راءِ حسن نواز محمد احمد چٺه محمد جاويد شبلي فراز چوڌري آصف علي چوڌري بلال اعجاز شڪيل احمد خان اشرف خان عدالت موجب جوابدارن جي خلاف اشتهار نيو ٽائون، صادق آباد، سٽي، وارث خان، سول لائن، مورگاهه، ٽيڪسلا، صدر واهه، ڪينٽ ۽ آر اي بازار ٿاڻن ۾ داخل ڪيسز ۾ جاري ڪيو ويو آهي۔ هوڏانهن عدالت ڄاڻايو ته اڳ ۾ سمورن جوابدارن جا ناقابلِ ضمانت گرفتاري وارنٽ جاري ڪيا ويا هئا، پر گرفتاري نه ٿيڻ ۽ غير حاضري سبب هاڻي اشتهاري وارنٽ جاري ڪيا ويا آهن۔ رپورٽ پيش ٿيڻ کان پوءِ سمورن 14 جوابدارن کي مفرور قرار ڏيڻ جي ڪارروائي شروع ڪئي ويندي۔