پاڪستان-سعودي عرب گڏيل دفاعي معاهدو ڊگهي تعاون جي عڪاسي آهي: سعودي اعليٰ عهديدار

سعودي عرب جي هڪ اعليٰ عهديدار چيو آهي ته پاڪستان ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ ٿيل گڏيل دفاعي معاهدو ٻنهي ملڪن جي ڊگهي تعاون جي عڪاسي ڪري ٿو ۽ اهو ڪنهن به مخصوص واقعي جو ردعمل ناهي. برطانوي خبرون ڏيندڙ ايجنسي سان ڳالهائيندي عهديدار چيو ته هي دفاعي معاهدو ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ گڏيل دفاعي لاڳاپن ۽ فوجي معاملن جي مڪمل عڪاسي آهي. هن معاهدي کي گڏيل دفاعي معاهدو قرار ڏيندي ٻڌايو ته ان جو مقصد ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ سلامتي ۽ تعاون کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ آهي. ياد رهي ته پاڪستان ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ رياض ۾ اسٽريٽجڪ گڏيل دفاعي معاهدو طئي ٿيو، جنهن تي سعودي ولي عهد محمد بن سلمان ۽ پاڪستان جي وزيراعظم شهباز شريف صحيحون ڪيون. معاهدي مطابق ڪنهن به هڪ ملڪ تي جارحيت ٻنهي ملڪن تي جارحيت تصور ڪئي ويندي، جڏهن ته معاهدو ٻنهي ملڪن جي سلامتي وڌائڻ، خطي ۽ دنيا ۾ امن جي فروغ لاءِ گڏيل ارادن جي عڪاسي پڻ ڪري ٿو.