سکر بيراج تي مٿانهين درجي جي ٻوڏ برقرار آهي جنهن سبب ڪچي جا وڏا علائقا پاڻي هيٺ اچي ويا آهن، ڪيترن ئي گهرن ۾ پاڻي داخل ٿي ويو آهي ۽ فصل مڪمل طور تي تباهه ٿي ويا آهن. ٻوڏ جي وهڪرن کانپوءِ ڳوٺاڻن جو ٻيڙين ذريعي لڏپلاڻ جو سلسلو جاري آهي. نيشنل ايمرجنسيز آپريشن سينٽر موجب سکر بيراج وٽ هن وقت 5 لک 71 هزار ڪيوسڪ جو وهڪرو موجود آهي. گڊو بيراج تي به 5 لک ڪيوسڪ وهڪرو سان وچولي درجي جي ٻوڏ آهي، جڏهن ته ڪوٽڙي بيراج تي پڻ وچولي درجي جي ٻوڏ صورتحال برقرار آهي ۽ ايندڙ ڏينهن ۾ وڌيڪ خطرو ظاهر ڪيو ويو آهي. ڪنڌڪوٽ ۾ ٻوڏ سبب 80 کان وڌيڪ ڳوٺ پاڻي ۾ اچي ويا آهن ۽ قادرپور گيس فيلڊ مان گيس جي فراهمي معطل ٿي وئي آهي. پنجاب ۾ ٻوڏ متاثر علائقن مان پاڻي لَهڻ شروع ٿي ويو آهي ۽ ماڻهو واپس پنهنجن گهرن ڏانهن موٽڻ لڳا آهن، پر متاثرين نقصانن جي ازالي لاءِ حڪومتي امداد جا منتظر آهن. سجاول جا متاثر رهواسي بک، اڃ ۽ بيمارين ۾ گهيريل آهن ۽ کين هنگامي سهولتن جي شديد کوٽ آهي. نوشهروفيروز ۾ سنڌو درياءَ ۾ وچولي درجي جي ٻوڏ آهي جتي منجٺ ڀرسان زمينداري بند ٽٽي وڃڻ سبب پاڻي جي تيز وهڪرن روڊ تباهه ڪري ڇڏيو آهي. نتيجي ۾ فصل مڪمل تباهه ٿي ويا آهن ۽ ماڻهو پنهنجي مدد پاڻ تحت محفوظ هنڌن ڏانهن منتقل ٿيڻ لڳا آهن.