ڪنڌڪوٽ (رپورٽر) ڪنڌڪوٽ ڪيڊٽ ڪاليج ڪرمپور ۾ ساليانو انٽر هائوس بيڊمينٽن ٽورنامينٽ جو شاندار انعقاد ڪيو ويو، جنهن ۾ جناح هائوس ٽيم فاتح بڻجي وئي۔ تفصيل موجب، ٽورنامينٽ جو فائنل ميچ جناح هائوس ۽ اقبال هائوس جي ٽيم جي وچ ۾ کيڏيو ويو، جيڪو وڏي جوش ۽ جذبي سان رانديو ويو۔ دلچسپ ۽ سنسني خيز مقابلي کان پوءِ جناح هائوس ٽيم شاندار ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪندي ڪاميابي ماڻي، ٽورنامينٽ جي فاتح قرار ڏني وئي۔ اختتامي تقريب جي صدارت پرنسپال پروفيسر محمد هاشم ميمڻ ڪئي، جنهن پنهنجي خطاب ۾ راندين جي اهميت تي ڳالهائيندي نوجوانن جي جسماني ۽ ذهني تربيت سان گڏ راندين سان لاڳاپيل اخلاقي قدرن تي روشني وڌي۔ موقعي تي وننگ ٽرافي جناح هائوس ٽيم حوالي ڪئي وئي، جڏهن ته سموري ٽورنامينٽ دوران بهترين ڪارڪردگي ڏيکارڻ تي ڪيڊٽ حسين بلوچ کي “مين آف دي سيريز” جو اعزاز پڻ ڏنو ويو۔