آمريڪا ٻيهر غزہ ۾ مستقل جنگبندي جي قرارداد کي ويٽو ڪري ڇڏيو، عالمي سفارتڪاري ۾ نئون ڇڪتاڻ

نيويارڪ: آمريڪا هڪ ڀيرو ٻيهر اقوام متحده سلامتي ڪائونسل ۾ غزہ ۾ فوري، غير مشروط ۽ مستقل جنگبندي جي قرارداد مسودي کي ويٽو ڪري ڇڏيو آهي. هي قرارداد سلامتي ڪائونسل جي 15 مان 10 چونڊيل ميمبرن تيار ڪئي هئي، جنهن کي 14 ووٽ مليا، پر آمريڪا ڇهين ڀيري ويٽو پاور استعمال ڪندي اسرائيل جي حمايت ڪئي. قرارداد ۾ اسرائيل کان مطالبو ڪيو ويو هو ته غزہ ۾ امداد تي لڳايل سڀ پابنديون ختم ڪري ۽ مستقل جنگبندي جو اعلان ڪري. هي صورتحال ايندڙ هفتي نيويارڪ ۾ ٿيندڙ اقوام متحده جنرل اسيمبلي جي 80هين اجلاس کان اڳ پيدا ٿي آهي، جتي غزہ ۽ قطر ۾ وڌندڙ بحران عالمي سفارتي ترجيحات کي نئين سر ترتيب ڏئي رهيا آهن. گذريل هفتي آمريڪا پهريون ڀيرو قطر تي حملي جي مذمت ڪندڙ بيان جي حمايت ڪئي هئي، پر ان ۾ اسرائيل جو نالو شامل نه هو. ان کان علاوه، آمريڪي ڊيموڪريٽ سينيٽرز هڪ قرارداد پيش ڪئي آهي، جنهن ۾ فلسطين کي هڪ غير مسلح رياست طور تسليم ڪرڻ جو مطالبو ڪيو ويو آهي. جيتوڻيڪ ان جي منظوري جو امڪان گهٽ آهي، پر اها آمريڪا تي زور وجهي ٿي ته هو ٻه رياستي حل تي اڳتي وڌي. سينيٽر جيف مرڪلي چيو ته هاڻ وقت اچي ويو آهي ته آمريڪا اڳواڻي ڪري ۽ عمل جو آغاز ڪري. وزيراعظم شهباز شريف ايندڙ هفتي جنرل اسيمبلي ۾ تقرير سان گڏ هڪ اهم بين الاقوامي ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪندا، جنهن جو موضوع فلسطين مسئلي جو پرامن حل ۽ ٻه رياستي فارمولو آهي. پاڪستاني وفد عرب ۽ اسلامي اڳواڻن سان ويجهي مشاورت ڪندو. اقوام متحده جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريس چيو آهي ته جنرل اسيمبلي “تمام هنگامي ۽ غير متوقع حالتن” ۾ ٿي رهي آهي، جتي لڳ ڀڳ 150 سربراهه ۽ هزارين سفارتڪار شرڪت ڪندا. فلسطيني مندوب رياض منصور موجب فلسطين اجلاس جو مرڪزي موضوع هوندو. ذريعن مطابق، غزہ ۽ قطر ۾ وڌندڙ بحران سبب آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ۽ وزيراعظم شهباز شريف جي طئي ٿيل ملاقات جو شيڊول به تبديل ٿي سگهي ٿو. امڪان آهي ته ملاقات نيويارڪ ۾ جنرل اسيمبلي جي موقعي تي مختصر سطح تي محدود رهي، پر اسلام آباد ترجيحا وائيٽ هائوس ۾ باضابطه ملاقات جو خواهشمند آهي. صدر ٽرمپ جون اسرائيلي ۽ عرب اڳواڻن سان ملاقاتون طئي آهن، جڏهن ته وزيراعظم شهباز شريف سان گڏ چيف آف آرمي اسٽاف فيلڊ مارشل عاصم منير به اميد آهي ته شريڪ ٿيندا.