احمدپور ڀرسان سماجي تنظيم ڳوٺ سينگار فائونڊيشن ۽ پاڪستان پاورٽي ايليويشن فنڊ جي سهڪار سان پرائمري پبلڪ ايليمينٽري اسڪول ماستر در محمد ميتلو ۾ يومِ دفاع جي سلسلي ۾ تقريب ٿي. تقريب ۾ ٻارن قومي نغما ۽ ٽيبلو پيش ڪيا. ان موقعي تي ذوالفقار ڦلپوٽو، مقصود احمد ميتلو، عطا حسين تنيو، ڪامران ڀيو، فائزا تمراڻي، شگفته ميتلو، فائزا شيخ، عليزا ميمڻ، گلزار ڦل، عزرا شيخ، سويرا ميتلو ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته ملڪ جو دفاع مضبوط هٿن ۾ آهي. هنن وڌيڪ چيو ته يومِ دفاع اسان کي ياد ڏياري ٿو ته پاڪستان جي حفاظت ۽ ترقي سڀني جي وڏي ذميواري آهي. شهيدن جو رت ضايع نه ويندو ۽ پاڪستان هميشه قائم و دائم رهندو. آخر ۾ ”هڪ ڌي هڪ وڻ“ مهم تحت ڳوٺ ماستر در محمد ميتلو ۾ ٻوٽا لڳايا ويا ۽ شاگردن کي وڻن جي اهميت ۽ حفاظت بابت آگاهي ڏني وئي.
