غوثپور لڳ جهيڙو، فائرنگ ۾ هڪ ڄڻو قتل، هڪ زخمي – پوليس غائب، حالتون ڳڻتي جوڳيون

رپورٽ: عبدالخالق چاچڙ غوثپور لڳ جعفري ۽ نندواڻي برادري جي ٻن ڌرين ۾ رستي تان لنگهڻ جي معاملي تان جهيڙو ٿي پيو، جنهن دوران ٻنهي ڌرين هٿيارن جا منهن کولي ڇڏيا. فائرنگ جي نتيجي ۾ هڪ نوجوان ٿڏي تي قتل ٿي ويو، جڏهن⁠تہ هڪ ڄڻو سخت زخمي ٿي پيو. تفصيل موجب جمال ٿاڻي جي حد ڳوٺ هزارو شاخ واري علائقي ۾ صيفل جعفري ۽ عبدالحق نندواڻي ڌرين ۾ رستي جي لنگهڻ تان تڪرار ٿيو، جيڪو هٿياربند جهيڙي ۾ بدلجي ويو. فائرنگ دوران نوجوان راحب علي نندواڻي گولين لڳڻ سبب موقع تي مارجي ويو، جڏهن⁠تہ هڪ ڄڻو زخمي ٿي پيو. اطلاع باوجود جمال ٿاڻي جي پوليس واقعي واري هنڌ نه پهتي. وارثن لاش ۽ زخمي کي جمال ٿاڻي تي آندو، پر اتي پوليس اهلڪار موجود نه هئا ۽ ٿاڻو خالي پيل هو. بعد ۾ وارثن لاش ۽ زخمي کي ڪرمپور ٿاڻي تي آندو، جتان ميڊيڪل ليٽر جاري ٿيڻ بعد کين اسپتال منتقل ڪيو ويو. پوسٽ مارٽم بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو، جيڪو گهر پهچڻ تي روڄ راڙو مچي ويو. علائقي ۾ ٻنهي ڌرين جا مورچا بند ٿي ويا آهن ۽ ڪنهن به وقت وڌيڪ خونريزي ٿيڻ جو خدشو ظاهر ڪيو پيو وڃي. واقعي جو ڪيس اڃا تائين داخل نه ٿي سگهيو آهي.