سرڪاري حج اسڪيم کان پوءِ هاڻي خانگي حج اسڪيم تحت درخواستون جمع ڪرائڻ جو عمل شروع ٿي ويو آهي. اڄ کان عازمين پنهنجون درخواستون جمع ڪرائي سگهن ٿا۔ خانگي حج اسڪيم تحت 37 هزار 903 عازمين کي حج جي لاءِ درخواست ڏيڻ جي اجازت هوندي۔ جڏهن ته گذريل سال خانگي حج اسڪيم مان رهجي ويل 22 هزار 97 عازمين اڳ ئي رجسٽريشن ڪرائي چڪا آهن۔ خانگي حج آپريٽرز کي لازمي طور تي بيان حلفي جمع ڪرائڻو پوندو ته هو گذريل سال رهجي ويل عازمين جي رجسٽريشن مڪمل ڪري چڪا آهن۔ وزارتِ مذهبي امور جو چوڻ آهي ته خانگي حج آپريٽرز کي پابند ڪيو ويو آهي ته هو پهريان گذريل سال رهجي ويل عازمين کي موقعو ڏين۔ رواں سال خانگي حج آپريٽرز لاءِ ڪل ڪوٽا 60 هزار مقرر ڪيو ويو آهي، جنهن مان 22 هزار 96 عازمين گذريل سال جا هوندا، جڏهن ته 37 هزار 903 نوان درخواست گذار هن سال حج ادا ڪري سگهندا۔