پشاور هاءِ ڪورٽ پوليس جي مبينا زيادتين خلاف خواجه سرائن طرفان داخل ڪيل درخواست تي ٻڌڻي ڪندي، آءِ جي خيبرپختونخوا کي 14 ڏينهن اندر رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي۔ هي درخواست جسٽس سيد ارشد علي ۽ جسٽس فھيم ولي جي ڊويزن بئنچ اڳيان ٻڌڻي لاءِ مقرر ٿي۔ درخواست گذار جي وڪيل عدالت کي ٻڌايو ته صوبي ۾ پوليس جو رويو خواجه سرائن سان غير مناسب آهي۔ وڪيل جو چوڻ هو ته: خواجه سرا به پاڪستان جا شهرين آهن ۽ انهن جا به برابر جا بنيادي حق آهن۔ پوليس بنا سبب کين تنگ ڪري رهي آهي ۽ بيجا ڪارروائيون ٿي رهيون آهن۔ صوابي ۽ پشاور مان خواجه سرائن کي زبردستي ضلع بدر ڪيو پيو وڃي۔ هنن جي قتل جا واقعا ٿي رهيا آهن ۽ پوليس تحفظ ڏيڻ ۾ ناڪام رهي آهي۔ عدالت آءِ جي پوليس کان رپورٽ طلب ڪندي ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي۔
