سنڌ حڪومت ۽ نيشنل هاءِ وي اٿارٽي (NHA) جي وچ ۾ ايم 9 سپر هاءِ وي جي زمين جي معاملي تي اختلاف وڌي ويا آهن. رپورٽن موجب اين ايڇ اي زمين جي قيمت ادا ڪرڻ کان انڪار ڪيو آهي، جڏهن ته سنڌ حڪومت زمين ڏيڻ کان صاف انڪار ڪري ڇڏيو آهي. زمين جي تڪرار تي اين ايڇ اي سنڌ هاءِ ڪورٽ سان رجوع ڪيو، جنهن تي عدالت معاملو حل ڪرڻ لاءِ ڪميٽي قائم ڪرڻ جو حڪم ڏنو. سنڌ جي چيف سيڪريٽري جي صدارت هيٺ ڪميٽي زمين جي قيمت ادا ڪرڻ جي سفارش ڪئي آهي، جڏهن ته اين ايڇ اي چيئرمين به زمين جي منتقلي لاءِ چيف سيڪريٽري کي خط لکي ڇڏيو آهي۔ ايم 9 سپر هاءِ وي کي 4 کان 6 لين موٽر وي ۾ تبديل ڪرڻ جي تياري آخري مرحلي ۾ آهي ۽ ان سلسلي ۾ ملائيشيا جي ڪمپني سان معاهدي ۾ واڌ پڻ جاري آهي۔ سنڌ حڪومت 2012ع ۾ زمين جي الاٽمينٽ کي قيمت جي ادائيگي سان مشروط ڪيو هو، پر سرڪاري رپورٽ مطابق اين ايڇ اي وٽ زمين جي ادائيگي لاءِ فنڊز موجود ئي ناهن۔ زمين جي ضرورت بابت رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته ملير مان 1347 ايڪڙ، ڄامشورو مان 4954 ايڪڙ ۽ ٺٽي مان 1340 ايڪڙ زمين گهربل آهي۔ ڊائريڪٽر لينڊ رڪارڊ جي رپورٽ موجب سپر هاءِ وي جي ويڪر 264 فوٽ ظاهر ڪئي وئي آهي، جڏهن ته اين ايڇ اي ان کي 640 فوٽ تائين وڌائڻ جي تجويز ڏني آهي۔ سرڪاري دستاويزن مطابق سپر هاءِ وي 152 ڪلو ميٽر ڊگهو آهي، پر اين ايڇ اي صرف 136 ڪلو ميٽر لاءِ درخواست ڏني آهي، جڏهن ته ضلع شرقي ڪراچي لاءِ ڪا به درخواست جمع نه ڪرائي وئي آهي۔ سنڌ حڪومت 2017ع ۾ زمين الاٽمينٽ جو فيصلو ملتوي ڪيو هو۔ سنڌ هاءِ ڪورٽ حڪم ڏنو آهي ته زمين جو تڪرار 30 ڏينهن اندر حل ڪيو وڃي ۽ گڏيل سروي ڪري رپورٽ پيش ڪئي وڃي۔