موسميات کاتي جي ڪلائيميٽ ڊيٽا پروسيسنگ سينٽر موجب، سال 2025 جو ٻيو سج گرهڻ 21 سيپٽمبر تي پاڪستاني وقت موجب رات 10 لڳي 30 منٽن تي شروع ٿيندو، جڏهن ته 22 سيپٽمبر تي رات 12 لڳي 42 منٽن تي پنهنجي عروج تي پهچندو۔ جزوي سج گرهڻ جو خاتمو رات 2 لڳي 55 منٽن تي ٿيندو۔ ماهرن موجب هي گرهڻ پاڪستان ۾ نظر نه ايندو، البت اهو پئسفڪ، ائٽلانٽڪ، انٽارڪٽيڪا ۽ آسٽريليا جي ڪجهه علائقن ۾ ڏسي سگهجي ٿو۔