ڪنڌڪوٽ: ٻوڏ متاثرن لاءِ ڳوٺ ڦيري خان گولو ۾ هڪ روزه مفت ميڊيڪل ڪئمپ

ڪنڌڪوٽ (رپورٽ: عبدالخالق چاچڙ) – ٻوڏ متاثرين جي طبعي سهولتن لاءِ پي پي ايڇ آءِ پاران سردار محمد صلاح خان گولو، سردار زاده نويد علي خان گولو ۽ يوسي چيئرمين سجاد علي گولو جي سهڪار سان ڳوٺ ڦيري خان گولو ۾ هڪ روزه مفت ميڊيڪل ڪئمپ لڳائي وئي۔ ڪئمپ ۾ ڪچي جي علائقي جي مختلف ڳوٺن مان آيل ٻوڏ متاثرن کي مفت صحت جون سهولتون فراهم ڪيون ويون۔ ڪئمپ ۾ موجود طبي عملي مريضن جي چڪاس ڪرڻ بعد کين مفت دوائون به ڏنيون۔ ان موقعي تي ڳوٺاڻن ضلعي انتظاميه، سردار محمد صلاح خان گولو، سردار زاده نويد علي خان گولو، يوسي چيئرمين سجاد علي گولو ۽ ڳوٺ جي سماجي ڪارڪن زاهد حسين گولو سميت ٻين جو دل جي گهراين سان شڪريو ادا ڪيو۔