ڪنڌڪوٽ: ڌاڙيلن جو پوليس چوڪي تي حملو، اهلڪار اغوا، ڌمڪيون ڏئي ويڊيو وائرل

ڪنڌڪوٽ (رپورٽ: عبدالخالق چاچڙ) – ڪنڌڪوٽ لڳ بي سيڪشن ٿاڻي جي حد ۾ انڊس هاءِ وي قمبراڻي لاڙي وٽ ڌاڙيل روڊن تي نڪري آيا ۽ پوليس چوڪي تي چڙهائي ڪندي هٿيارن جا منهن کولي ڇڏيا۔ فائرنگ ۽ ڇڪتاڻ دوران ڌاڙيلن هڪ پوليس اهلڪار فضل الرحمان کوسو کي هٿيارن جي زور تي اغوا ڪري ڪچي طرف فرار ٿي ويا۔ پوليس ڌاڙيلن جي پويان رواني ٿي، پر ڪجهه فاصلي تائين تعاقب ڪرڻ بعد ناڪام ٿي واپس موٽي آئي۔ هوڏانهن ڏوهاري خادم ڀيو اغوا ٿيل پوليس اهلڪار سان گڏ هڪ ويڊيو وائرل ڪندي چيو آهي ته: ”پوليس منهنجو ماڻهو گرفتار ڪري نامعلوم هنڌ منتقل ڪيو آهي، ان جي آزادي لاءِ مون پوليس اهلڪار فضل الرحمان کوسو کي اغوا ڪيو آهي۔جيڪڏهن ٻن ڪلاڪن اندر منهنجا ماڻهو آزاد نه ڪيا ويا ته پوليس اهلڪار کي قتل ڪري سندس لاش انڊس هاءِ وي تي اڇلي ڇڏيندس۔“ خادم ڀيو وڌيڪ ڌمڪي ڏني ته: ”ڪشمور ضلعي ۾ هلندڙ روٽ تي گاڏيون نه هلڻ ڏينداسين۔“ هوڏانهن اغوا ٿيل پوليس اهلڪار فضل الرحمان کوسو پنهنجي پيغام ۾ اپيل ڪندي چيو آهي ته: ”جلدي سان انهن جا ماڻهو واپس ڪرايا وڃن، جيئن مون کي آزاد ڪرايو وڃي۔“