اسلام آباد: ايف آءِ اي اميگريشن اسلام آباد ايئرپورٽ تي وڏي ڪارروائي ڪندي جعلسازي ذريعي ٻار ظاهر ڪري هانگ ڪانگ ويندڙ 5 مسافرن کي جهاز مان لاهي ڇڏيو. ايف آءِ اي ترجمان موجب مسافر ٿائيلينڊ جي وزٽ ويزا تي هانگ ڪانگ وڃڻ جي ڪوشش ڪري رهيا هئا. گرفتار ٿيل مسافرن ۾ بشريٰ، امجد علي، عليزي شاهين، محمد عدنان ۽ ذيشان علي خان شامل آهن. انهن مان صرف امجد علي، بشريٰ جو حقيقي پٽ آهي، جڏهن ته باقي ٽن مسافرن کي جعلي ٻار ظاهر ڪيو ويو. شروعاتي جاچ ۾ انڪشاف ٿيو ته عليزي شاهين، محمد عدنان ۽ ذيشان علي، بشريٰ جا حقيقي ٻار ناهن. مسافرن جي گهر وارن في ماڻهو 1 ڪروڙ 50 لک رپيا ايجنٽ کي ادا ڪيا، جنهن بعد ايجنٽ نادرا رڪارڊ ۾ جعلسازي ڪندي ٽنهي کي اعجاز علي جي فيملي رڪارڊ ۾ داخل ڪيو. نادرا جي رڪارڊ ۾ ٽنهي مسافرن جو پتو صوابي ظاهر ڪيو ويو، جڏهن ته اصل ۾ انهن جو تعلق سرگودها، اٽڪ ۽ خوشاب سان آهي. جاچ ۾ اهو به سامهون آيو آهي ته پاڪستان ايئرپورٽ اٿارٽي جو هڪ اهلڪار مسافرن کي فيسليٽيٽ ڪرڻ ۾ ملوث هو، جنهن کي به جاچ ۾ شامل ڪيو ويو آهي. وڌيڪ ملوث ماڻهن تائين پهچڻ لاءِ رستن جا تفصيل گڏ ڪيا پيا وڃن. گرفتار مسافرن کي وڌيڪ قانوني ڪارروائي لاءِ اينٽي هيومن ٽريفڪنگ سرڪل اسلام آباد حوالي ڪيو ويو آهي، جڏهن ته نادرا ۽ پاسپورٽ اهلڪارن جي ملوث هجڻ جي حوالي سان به جاچ جو دائرو وڌايو ويو آهي.