ڪلاچي ۾ سيڪيورٽي فورسز جو آپريشن، 7 دهشتگرد مارجي ويا، 2 آپگهاتي بمبار به شامل

ڊيره اسماعيل خان جي علائقي ڪلاچي ۾ سيڪيورٽي فورسز طرفان انٽيليجنس بنياد تي ڪامياب آپريشن دوران فتنه الخوارج سان تعلق رکندڙ 7 دهشتگرد مارجي ويا، جن ۾ 2 آپگهاتي بمبار ۽ 3 افغان ڄاول شامل هئا. آءِ ايس پي آر موجب 20 سيپٽمبر تي ڪلاچي ۾ خوارج جي موجودگي جي پڪ ٿيڻ بعد فورسز سندن ٺڪاڻو نشانو بڻايو، جنهن دوران دهشتگردن کي ماريو ويو. ترجمان موجب مارجي ويل دهشتگرد ڀارتي پراڪسي ۽ سرپرستي يافته هئا، جيڪي پاڪستان ۾ دهشتگردي جون ڪارروائيون ڪرڻ ۾ ملوث هئا. پاڪ فوج جي ترجمان چيو ته پاڪستان کي اميد آهي ته عبوري افغان حڪومت پنهنجون ذميواريون پوريون ڪندي ۽ پنهنجي زمين کي پاڪستان خلاف دهشتگرد سرگرمين لاءِ استعمال ٿيڻ نه ڏيندي. علائقي ۾ سرچ ۽ ڪليئرنس آپريشن جاري آهي ته جيئن ڪنهن به دهشتگرد کي پناهه وٺڻ جو موقعو نه ملي. ياد رهي ته اڄ ئي لکي مروت ۾ به سيڪيورٽي فورسز ڪامياب ڪارروائي ڪئي، جنهن دوران 2 دهشتگرد مارجي ويا ۽ 2 کي گرفتار ڪيو ويو. مارجي ويل دهشتگردن جو تعلق پابندي مڙهيل تنظيم سان هو، جڏهن ته سندن قبضي مان هٿيار ۽ بارودي مواد به هٿ ڪيو ويو. آپريشن کان پوءِ علائقو مڪمل طور ڪليئر ڪيو ويو.

پنھنجي راءِ لکو