ڪراچي: گارڊن عثمان آباد ۾ مين هول ۾ ڪري پيءُ پٽ سميت 3 ڄڻا فوت

ڪراچي جي علائقي گارڊن عثمان آباد ۾ افسوسناڪ واقعي دوران سيوريج مين هول ۾ ڪري 3 ڄڻا فوت ٿي ويا. علائقي واسين موجب فوت ٿيندڙ ٽيئي ڄڻا پاڻ ۾ پيءُ پٽ هئا، جن کي واٽر ڪارپوريشن صفائي لاءِ 15 هزار روپين عيوض گهرايو هو. رهواسين جو چوڻ آهي ته واٽر ڪارپوريشن جي گاڏي ۾ رسيون ۽ ضروري سهولتون ئي موجود نه هيون، جنهن سبب مين هول ۾ لهندڙ ماڻهو ٻڏي ويا. کين بچائڻ لاءِ لهندڙ چوٿين شخص جي حالت پڻ ڳڻتي جوڳي آهي، جنهن کي سول اسپتال جي ٽراما سينٽر منتقل ڪيو ويو آهي. پوليس موجب فوت ٿيلن جي سڃاڻپ 42 ورهين جي جارج، سندس پٽ 22 ورهين جي وشال ۽ 19 ورهين جي شهير طور تي ٿي آهي، جڏهن ته لاشن کي ايڌي جي مرده خاني ۾ منتقل ڪيو ويو. پوليس سرجن سميعه سيد ٻڌايو ته ٽيئي ڪارڪن مين هول ۾ صفائي دوران فوت ٿيا، جڏهن ته وارثن پوسٽ مارٽم ڪرائڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي.

پنھنجي راءِ لکو