بگرام ايئربيس معاملو: ٽرمپ پاران افغانستان کي سنگين نتيجن جي ڌمڪي

آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ خبردار ڪيو آهي ته جيڪڏهن افغانستان بگرام ايئربيس واپس نه ڏنو ته سنگين نتيجا ڀوڳڻا پوندا. ٽرمپ سوشل ميڊيا پليٽ فارم تي بيان ۾ چيو ته بگرام ايئربيس آمريڪا جو ٺاهيل آهي، تنهنڪري جيڪڏهن اهو واپس نه ڏنو ويو ته اڳرا نتيجا نڪرندا. آمريڪي ميڊيا موجب هن وقت واشنگٽن ۽ طالبان وچ ۾ دهشتگردي خلاف ڪارروائين بابت ڳالهيون جاري آهن، جن ۾ بگرام ايئربيس تي محدود آمريڪي فوج رکڻ جي تجويز تي به غور ڪيو پيو وڃي. ڳالهين جي قيادت آمريڪي خاص نمائندو ايڊم بوبلر ڪري رهيو آهي. ٽرمپ اڳ به چيو هو ته بگرام ايئربيس ڇڏڻ آمريڪا جي وڏي غلطي هئي ۽ هاڻ ان کي واپس وٺڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، ڇو ته اهو چين جي ايٽمي سهولتن کان صرف هڪ ڪلاڪ جي فاصلي تي آهي. ياد رهي ته 2021 ۾ پرڏيهي فوج جي انخلا دوران آمريڪا 20 سالن کان پوءِ بگرام ايئربيس افغان اختيارين حوالي ڪيو هو، پر هاڻ ٽرمپ واضح طور اعلان ڪيو آهي ته بگرام ۽ ان وقت ڇڏيل آمريڪي هٿيار واپس وٺڻ لاءِ ڳالهين جي شروعات ٿي وئي آهي.

پنھنجي راءِ لکو