جيڪب آباد ڀرسان بقا محمد ٿاڻي جي حد ڳوٺ حاجي ميوو جکراڻي ۾ هڪ لرزائيندڙ واقعو پيش آيو، جتي ڪارنهن الزام هيٺ جوابدار سوغات عرف محمد حسن جکراڻي ڪلاشنڪوف جون گوليون هڻي پنهنجي زال شاھده جکراڻي ۽ نوجوان اسرار جکراڻي کي قتل ڪري فرار ٿي ويو۔ اطلاع ملڻ تي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي لاش ضروري ڪارروائي لاءِ اسپتال منتقل ڪيا۔ ايس ايچ او موجب ڪارنهن الزام هيٺ ٻنهي کي قتل ڪيو ويو آهي، لاش پوسٽ مارٽم کان پوءِ وارثن حوالي ڪيا ويندا۔ پوليس جو چوڻ آهي ته جوابدار واقعي کان پوءِ فرار ٿي ويو آهي، جنهن جي گرفتاري لاءِ ڇاپا هنيا پيا وڃن۔
